اسلام آباد ?? 08 ??ڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زلزلي متاثرين سان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن تي زور ڏنو آهي ته هو قدرتي آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي، تياري، نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ متاثرين جي بحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هم آهنگي پيدا ڪن، قدرتي آفتن کي منهن ڏ??ڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ ۽ تباهي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن 8 آڪتوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي سبب متاثر خاندانن سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ي??م استقامت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز