اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ نعيم را??د جي گهرواريءَ عنبرين نعيم جي جرئتمنداڻي جملن کي ساراهيندي چيو آهي ته ان جا لفظ اسلامي عقيدي ۽ ايمان جي حقيقي طاقت جو مثال آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مسلمان دنيا جي اندر ۽ ٻاهر سڀني ماڻهن لاءِ شهيد نعيم را??د جي گهرواريءَ جا لفظ الله تعاليٰ ۽ نبي ڪريم صه تي ايمان جي حقيقي قوت کي سمجهڻ جي لاءِ ڪافي آهن.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج