اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ?? ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نالي کي ٻاهر ڪڍيو ويو پر جنهن سياسي پارٽي سان گڏ الله تعاليٰ جي ذات، ان جو فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي طاقت هجي اها جنهن اليڪشن ۾ به حصو وٺندي ان ۾ محمد نواز شريف جي فتح ٿيندي، محمد نواز شريف جتي به وڃي ٿو عوام جو س??نڊ اٿلي پوي ٿو ڇو ته هن عوام جي خدمت ڪئي آهي، ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود محمد نواز شريف تي هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ثبوت نه ملي سگهيو. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته سڀ??ڻي عمران خان خيبرپخت??نخ??اهه ۾ اجلاس ڪيو جنهن ۾ پتو لڳرائي ته ڪي??را پي آءِ ٽي جا ميمبر موجود نه هئا، هن اڳ ۾ پارليامينٽ تي لعنت وڌي پوءِ پنهنجي ميمبرن کي ويڪائو مال چوي ٿو، عمران خان پنهنجي ئي ميمبرن تي وڪامجڻ جو الزام هڻي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي پنهنجي قائد جي الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو.
چونڊن کان پري رکڻ باوجود (ن) ليگ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ