اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حلف نامي کي اصل صورت ۾ بحال ??رڻ جي لاءِ ترميمي بل اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران پارلياماني اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ??ذر??ل ٻن ڏينهن کان چونڊ سڌارا بل 2017ع ۾ حلف جي معاملي تي بحث ٿي رهيو آهي، ??ذر??ل ڏينهن منهنجي طبعيت ٺيڪ نه هئي، اڄ جڏهن ايوان ۾ آيس ته ان حوالي سان سوچيو ته سڀني کي گڏجي ويهي لائحه عمل بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اعلان ڪيو ته سمورا پارليماني اڳواڻ 11 وڳي منهنجي چيمبر ۾ اچن ته جيئن جيڪا غلطي ٿي آهي ان کي درست ڪري سگهجي.اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته هي هڪ فني غلطي هئي، آئون سڀني پارلياماني اڳواڻن جو ٿورائتو آه??ان سڀني محنت ڪري معاملي جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. حلف نامي کي اصل صورت ۾ بحال ??يو ويندو ۽ اڄ خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان حوالي سان ترميمي بل ايوان مان منظور ڪرايو ويندو.
حلف نامي بابت ترميمي بل قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ