قاهره-26 آڪٽوبر(اي پي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته سندس ملڪ پنه??جي پوري تاريخ ۾ پنه??جي سرحدن کي ع??ور ناهي ڪيو ۽ ان جا سمورا هدف پنه??جي سرحدن جي حفاظت ۽ پنه??جي قومي سلامتي کي محفوظ بڻائڻ آهي. سعودي خابرو اداري موجب ??ن گذريل ڏينهن سوئز ۾ فورٿ آرمرڊ ڊويزن جي جنگي صلاحيتن ۽ تيارين جي معائني دوران ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصر سمورن بحرانن مان صبر ۽ تحمل سان منهن ڏيندو آهي ته جيئن طاقت جي استعمال کانسواءِ مقصد حاصل ڪري ??گه??ن. هن چيو ته اسان پنه??جي دفاع ۾ پنه??جي طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين. مصر جي صدر غزه جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته اسان غزه ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جنگ بندي تائين پهچڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو حل سفارتي ذريعن سان ممڪن آهي ۽ اسان فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکندسين.
اسان پنهنجي دفاع ۾ طاقت کي فهم ۽ فراست سان استعمال ڪنداسين:صدر عبدالفتاح السيسي
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ