راهوالي/گجرانوالا- 28 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معيشت ۽ سياسي ا??تح??ام ??اءِ اڳتي وڌي ر??يا آهيون، 9 مئي جي واقعن کي وساري نٿو سگهجي، 9 مئي جي ڪيسن ج?? فيصلو تڪڙ ۾ ناهي ٿيو، 9 مئي سانحي جو منصوبو ٺاهيندڙ ۽ ماسٽر مائينڊ خلاف به ڪيس اڳتي وڌڻ گهرجي، رياستي معاملن ۽ عالمي سطح تي لاڳاپن ۾ سياست کي نه آڻڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سياسي ا??تح??ام ??اءِ نيڪ نيتي سان ڳالهيون هلي ر??يون آهن، ڳالهين جو ايندڙ دور 3 جنوري تي ٿيڻو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته اسان جو مقصد سياسي ا??تح??ام حاصل ڪرڻ آهي، معيشت ترقي ڪري ر??ي آهي، اسان ڊيفالٽ کان هٽي ڪري ترقي طرف وڌي ر??يا آهيون. اسان جو بدترين مخالف پي ٽي آءِ باني چيئرمين به چئي ڇڏيو آهي ته معيشت ترقي ڪري ر??ي آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مجموعي معاشي حالتون بهتر ٿي ر??يون آهن، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، روپئي جو قدر م??تح??م ٿيو آهي. هن چيو ته هر شعور رکندڙ انسان کي نظر اچي ر??يو آهي ته معيشت م??تح??م ٿي ر??ي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڳالهين جو مقصد سياسي ا??تح??ام آهي، تحريڪ انصاف 26 هين آئيني ترميم ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مولانا فضل الرحمان سان انهن جون ڳالهيون به ٿيون ۽ هو ان معاملي کي اڳتي وٺي هلي، سندن چوڻ تي ڪيتريون ئي شقون ڪڍيون به ويون پر ائين نٿو ٿي سگهي ته ان جي آڙ ۾ 9 مئي جهڙن واقعن کي وساري سگهجي يا ان تي ٺاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث 85 ماڻهن کي سزائون مليون، انهن خلاف ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته ملڪ دشمني تي ڪو معافي گهري ۽ ان کي وساريو وڃي ته پوءِ ڇا پاڪستان جي سمورين جيلن جا دروازا کوليا وڃن؟ هن چيو ته گذريل ڏينهن ڊي جي، آءِ ايس پي آر تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ، 9 مئي ۽ 26 نومبر جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ بهترين طريقي سان سمورن معاملن تي ر??شني وڌي. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي تي جن ماڻهن دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو، شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو، انهن جا ٽرائيل به ملٽري ڪورٽس ۾ ٿيا، رائيٽ ٽ?? فيئر ٽرائيل ۾ وڪيل جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ فيملي ۽ رڪارڊ تائين پهچ فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائيل غير موجودگي ۾ نٿو ٿي سگهي، ان لاءِ پاڻ هجڻ لازمي آهي، جڏهن ته ٽرائيل ۾ اپيل جا ٻه حق به ڏنا ويا، هڪ حق ملٽري اٿارٽيز ۾ اپيل ۽ ٻيو حق هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪرڻ جو ڏنو ويو. جن ماڻهن عسڪري ملڪيتن تي حملو نه ڪيو ۽ اهي ٻين واقعن ۾ ملوث هئا ته انهن جا ڪيس به اي ٽي سي ۾ هلي ر??يا آهن، هن مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ريل ۾ سفر ڪري ر??يو هجي ۽ ان کان ڏوهه ٿي وڃي ته ريلوي پوليس ئي ان جو نوٽيس وٺندي، جيڪڏهن ڪنهن کان منشيات هٿ اچي ته ان تي ڪارروائي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪندي، اهڙي طرح ڪرپشن تي اينٽي ڪرپشن ۽ ميگاڪرپشن تي نيب ڪورٽ ۾ ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر طرح جون عدالتون موجود آهن، جيڪڏهن دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ته ان جو ٽرائيل به ملٽري ڪورٽ ۾ ئي ٿيندو. وفاقي وزير چيوته سمورا ڪيس آئين ۽ قانون موجب هلي ر??يا آهن، ڪارروائي اڳتي وڌي ر??ي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 9 مئي جي ڪيسن ج?? فيصلو تڪڙ ۾ ناهي ٿيو، ان ۾ ٻن سالن جو عرصو لڳو، فرد جرم لاڳو ٿيو، ان کانپوءِ ٽرائيل مڪمل ٿيو، اهي سموريون شيون ڏٺيون ويون آهن ۽ ان موجب ڪيسز اڳتي وڌي ر??يا آهن، 9 مئي جا سمورا جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهچندا. وفاقي وزير چيو ته رياستي معاملن ۽ عالمي لاڳاپن ۾ سياست کي نه آڻڻ گهرجي، سفارتي قدرن موجب رياست وچ ۾ معاملا آفيشل ليول تي هوندا آهن، انهي موجب معاملا اڳتي وڌندا آهن.
معيشت ۽ سياسي استحڪام لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهيون، 9 مئي جي واقعن کي وساري نٿو سگهجي، رياستي معاملن ۽ عالمي سطح تي لاڳاپن ۾ سياست کي نه آڻڻ گهرجي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک