اسلام آباد-26 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نق??ي شهرين کي جديد سهولتون ڏيڻ لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ پاسپورٽ اينڊ اميگريشن هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت ۽ اسلام آباد ريجنل پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير اعلان ڪيو ته اسلام آباد ريجنل پاسپورٽ آفيس ??اڻي 24 ڪلاڪ کليل رهندي. هن ٻڌايو ته ملڪ جي 14 شهرن ۾ نادرا جا7/24 ميگا سينٽر قائم ڪيا ??يا آهن جتي شهرين کي پاسپورٽ ٺهرائڻ ??ي سهولت فراهم ڪئي ويندي.محسن نق??ي چي?? ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ماڊل پاسپورٽ سينٽر ٺاهيا ??يندا.هن ٻڌايو ته هاڻي پاسپورٽ بيڪ لاڪ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي ۽ شهرين کي مقرر وقت ۾ پاسپورٽ فراهم ڪيا ??يندا. گهرو وزير چي?? ته پاسپورٽ جو ڇهه/ڇهه مهينن جو بيڪ لاڪ هوندو آهي. هن ڪراچي ۽ لاهور جي تازن دورن جو ذڪر ڪندي چي?? ته پاسپورٽ ۽ نادرا سينٽرن ۾ رش کانسواءِ خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ عوام انهن خدمتن تي اطيمنان جو اظهار ڪيو آهي.محسن نق??ي چي?? ته ايف آءِ اي پاسپورٽ آفيس ??اهران موجود ايجنٽ مافيا خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي. هن ڊي جي پاسپورٽ ۽ ٻئي عملي جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي کين مبارڪون پيش ڪيون. افتتاحي تقريب ۾ چيئرمين نادرا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افضل، رفعت مختار راجا، چي?? ڪشنر اسلام آباد محمد علي رنڌوا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. گهرو وزير پاسپورٽ پروڊڪشن جي نون سيڪشنن جو پڻ دورو ڪيو ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عملي کي اعزازي شيلڊ ۽ روڪ رقم انعام طور ڏني.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران اسلام آباد ريجنل پاسپورٽ آفيس جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو