اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ فيصلي واري ٽيسٽ ميچ لاءِ ٻنهي ڪرڪيٽ ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٽ??ين ٽيسٽ ميچ ۾ سٺي راند ڏسڻ لاءِ ملندي. اهڙو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪميشن طرفان پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم مينجمنٽ جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مينجر نويد اڪرم چيمه پاڪستا??ي ٽيم جي ڪپتان جي ش??ٽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ کي تح??ي ۾ ڏني. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته خواهش هئي ته ٻئي ٽيسٽ انگلينڊ کٽي پر پاڪستان جي فتح سان خوش?? ٿي. هن چيو ته پاڪ انگلينڊ ٽيسٽ سيريز دلچسپ موڙ تي اچي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز