اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي گذريل د??ري کي ياد ڪندي تاجڪستان جي د??ري جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، و??پاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ ج?? خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ صدر اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن تي وزيراعظم ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد