اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ??يج?? جنرل (ر) حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي سالياني رپورٽ 2023ع پيش ڪئي. پي ٽي اي چيئرمين نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي ٽي اي جي آمدني 17 سيڪڙو اصافي کانپوءِ 850 ارب تائين پهچي وئي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل سروسز تائين پهچ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هن ٻڌايو ته 2023ع ۾ موبائيل فون ص??رف??ن جو انگ 19.2 ڪروڙ جڏهن ??ه هائي اسپيڊ براڊ بينڊ ص??رف??ن جو انگ 13 ڪروڙ تائين پهچي ويو. نگران وزيراعظم پي ٽي اي چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي پاڪستان ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي پهچ عام ماڻهو تائين يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي ??ار??هيو.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج