قاهره-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي گادي واري هنڌ قا??ره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جمعي ڏينهن ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو، ان موقعي تي هڪ سيمينار به منعقد ڪي?? ويو. سفارتخاني طرفان جمعي ڏينهن جاري بيان موجب تقريب ۾ مصر جي تعليمي ماهرن، دانشورن، ميڊيا جي نمائندن، سول سوسائٽي، اهم شخصيتن ۽ الازهر يونيورسٽي جي شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ويا.مهمان مقررن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته ڀارت جي غير قا??وني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريع?? ۽ ??شميري عوام جي خواهشن ۽ امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. مقررن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪي?? ته ڀارتي قابض فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. مقررن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪنهن به ملڪ کي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو حق ناهي. هنن مطالبو ڪي?? ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قا??وني قدمن کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي. مقررن ڪشمير جي آزادي پسندن کي سلام پيش ڪي??، تقريب ۾ ڀارت جي غير قا??وني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام کي درپيش سنگين حالتن تي هڪ دستاويزي فلم ??ڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي پاڪستان جي سفير ساجد بلال چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قا??وني ۽ هڪطرفي قدمن ڀارتي حڪومت کي ڄمون ڪشمير جي بهادر ماڻهن خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگرد?? ۽ ??اڍ کي هوا ڏيڻ جي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن ڀارت کان مطالبو ڪي?? ته هو انهن غير قا??وني قدمن کي واپس وٺي. سفير ساجد بلال ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪي?? ته پاڪستان ڀارت جي غير قا??وني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي پنهنجي اڻٽٽ حمايت ۾ سدائين ثابت قدم رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ڀارت جي وحشياڻي قبضي مان لکين ڪشميرين کي آزادي جو خواب سچو نٿو ٿي وڃي.
قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا