اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گه??را??ُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. وز??را??ظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران وز??را??ظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غزه تائين فوري طور تي گهربل امدادي سامان جي چرپر جي لاءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزه جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آ??ي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزي??يو??و ڪميٽي جي هنگامي ا??لاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.
پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج