صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ??وڏ کان متاثر علائقي صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن اسڪول ۾ تعليم هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سموريون جديد سهولتون دستياب هونديون، انهن کي ٽيبليٽ ڏنا ويندا، ان جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، اهي ٻار اسان جو فخر بڻجندا. ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ڪئمپ ۾ قائم اسڪول جي ??ارن ۾ گهلي ملي ويو. وزيراعظم ٻارن کان قومي ترانو به ٻڌو. جڏهن ته ٻارن نظم به ٻڌايا. وزيراعظم ٻارن کي شاباس ڏيندي چيو ته هو محنت سان تعليم حا??ل ڪن، پاڻي لهڻ کانپوءِ انهن کي جلد پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪيو ويندو. انهن جي ??الدين جي ??صل کي پهچندڙ نقصان جو معاوضو ڏينداسين، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم فراهم ڪئي آهي. متاثر علائقن ۾ سٺا اسڪول ۽ اسپتالون ??اهينداسين، متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سڀني ادارن سان گڏجي ڀرپور مدد ڪنديون. هن چيو ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي ??اءِ عملدارن کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ??يون آهن. هن چيو ته ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن، اهي وڏيون ??ي قوم جو فخر بڻجنديون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن ٻارن جي ??اءِ هڪ جديد ماڊل اسڪول بڻايو وڃي، جنهن جو سڄو خرچ وفاقي حڪومت کڻندي ان اسڪول جي ??اءِ بهترين استادن جون خدمتون ??رتيون ??ينديون. هتي تعليم هيٺ ٻارن کي ڪتاب ۽ يونيفارم مفت فراهم ڪيا ويندا. جڏهن ته انهن کي ٽيبليٽ به فراهم ڪيا ويندا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف متاثرين جي ??اءِ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ طبي سهولتن جو جائزو به ورتو. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ موجود پيراميڊيڪل اسٽاف وزيراعظم کي طبي سهولتن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت بحال ٿيڻ تي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني متاثرين کي 25 هزار رپيا في خاندان روڪ رقم ادا ڪئي وڃي.
وزيراعظم پاران صحبت پور ۾ ٻن مهينن ۾ جديد ماڊل اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش