اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ۾ وڃي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان ??ي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، سينيٽ چيئرمين تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا، هن چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان ??و لاڏاڻو نه رڳو يو اي اي جي عوام لاءِ وڏو نقصان ??هي پر پاڪستانين ۽ مسلمان ??مت لاءِ وڏو صدمو آهي، سن??س وفات سان پاڪستان هڪ سچي ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. انسانيت ۽ مسلمان ??مت جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شيخ خليفه بن زيد النهيان ??ون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. سينيٽ چيئرمين سان گڏ پارلياماني وفد ۾ ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽرز پرنس احمد عمرزئي، مولانا عبدالغفور حيدري، عبدالقار، دوست محمد، نصيب الله با??ئي شامل هئا. پارلياماني وفد شيخ خليفه بن زيد النهيان ??ي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.
سينيٽ چيئرمين پارلياماني وفد سان يو اي اي جي سفارتخاني وڃي شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس