اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ وسيع ٿيڻ (موثر هجڻ جو) گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. اهي ڳالهيون هن پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي ??اڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي ??ڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي ??اڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي ??رڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ارجنٽائن جي سفير ليپولڊو فرانسسڪو ساهورس ارجنٽائن پارڪ ۾ منعقد تقريب ۾ يادگاري ٻوٽا لڳايا. تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط هجڻ جو گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ اداره جاتي ??يڪنزم جو ڪردار انتهائي اهم آه. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ گڏيل ڪميشن موجود آهي، 20 مئي 2021ع تي ??نعقد ٿيندڙ اسان جي آخري گڏجاڻي دوران اسان زراعت، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن تي گڏيل ور??نگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن مستقبل ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل به بزنس ٽو بزنس انٽريڪشن وڌائڻ ج?? لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت باقاعدگي سان ٿيندي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان، ارجنٽائن فرينڊشپ گرپس جي موجودگي ٻطرفي پارلياان?? لاڳاپن جي استحڪام جي علامت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ??نهنجي تقرير ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”ٽين ملين سونامي ٽري“ منصوبي کي ساراهيو. موسمياتي تبديلين جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان وسيع آبي وسيلا رکندڙ ملڪ مان، آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ وڻڪاري جو فروغ ئي اهم حڪمت عملي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته 4 ڊسمبر تي اسان لاهور ۾ پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ”پولو ميچ“ جو انعقاد ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ارجنٽائن جي سفير به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ گذريل ست ڏهاڪن ۾ وڌندڙ ٻطرفي سفارتي ??اڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : números quina hoje