اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري کي مختلف مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي جيڪا حڪومت جي معاشي پاليسين تي ڪاروباري برادري جي اعتماد جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايڇ سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر شهباز مجيد شيخ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهباز مجيد شيخ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيمبر پاران ملڪ جي معاشي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ايڇ سي سي آءِ کي درپيش ڪجهه مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ڪاروباري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خاص طور تي ڪوويڊ 19 جي دوران انه?? جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سخت مالي مشڪلات?? جي باوجود واپاري برادري ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن کي وبا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ 1.2 ٽريلين رپين جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪيو آهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪي روانگي واپار ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 25.3 بلين ڊالر تائين پ??چي ويو هو. هن ملڪ جي معاشي ڪ??رڪ??دگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايف بي آر پاران 850 ارب رپي?? جي اوڳاڙي?? جي هدف کان 160 ارب جي وڌيڪ وص??لي بهتر ملڪي معيشت جو ثبوت آهي. هن چيو ته حڪومت وڌ کان وڌ ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ا?? جي ڪوشش?? جي ڪري ڪاروبار ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو 136 هين مان 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. صدر قومي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪاروباري برادري جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ ا?? جي مسئل?? جي حل لاءِ هر ممڪن تعاو?? جي خاطري ڪرائي.
واپاري برادري کي مختلف مراعتون ۽ سهولتون ڏئي ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک