گواد?? – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو عظيم الشان منصوبو حقيقت جو روپ ڌاري چڪو آهي، ا?? سان نه رڳو پاڪستان پر وچ ايشيا سميت پور?? خطي ۾ علائقائي رابطن کي فروغ ملندو، ا?? منصوبي تي پور?? خطي لاءِ هڪ گيم چينجر تصور ڪريون ٿا، فري زون کانسواءِ ڪو به بندرگاهه ڪارآمد ثابت نٿو ٿي سگهي، گوادر پورٽ ۽ فري زون جي تعمير سان بلوچستان سان گڏوگڏ پاڪستان ترقي جي شاهراهه تي گامزن هوندو، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ترقياتي منصوبن کي سياسي تبديلين جي عمل کان ڌار ڪيو ويو آهي، جولائي ۾ عام چونڊون ٿينديون، يقين آهي ته ايندڙ حڪومتون به ترقي جي تسلسل کي برقرار رکنديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار ٻن ڏينهن واري عالم?? گوادر ايڪسپو جي افتتاحي تقريب ک?? خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ