گڏيل قومون-07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اعلان لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل کان عالمي اداري جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن سلامتي ڪ??ئو??سل کي لکيل خط ۾ پارٽر جي باب XV جي آرٽيڪل 99 تي زور ڀريو. آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جو سربراهه ڪنهن به معاملي تي سلامتي ڪ??ئو??سل جو ڌيان ڏياري سگهي ٿو جنهن سان ان جي راءِ ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. اهو خط اربع جي صبح نيويارڪ ۾ سلامتي ڪ??ئو??سل جي صدر ڏانهن موڪليو ويو، خط سان گڏ صحافين ??ي ڏنل هڪ بيان ۾ گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو ته 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن گڏيل قومن جي سربراهه چارٽر 99 تي عمل جي اپيل ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، سيڪريٽري جنرل جي ترجمان وضاحت ڪئي ته گڏيل قومن جي سربراهه غزه ۽ اسرائيل ۾ ايتري ٿوري وقت ۾ انساني جانين جي نقصان تي انتهائي حد ??ي ڏسند?? اهو قدم کڻي رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سلامتي ڪ??ئو??سل جي صدر کي لکيل پنهنجي خط ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطيبن تڪرار سان مجموعي طور تي 8 هفتن کان وڌيڪ جنگ اسرائيل ۽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ خوفناڪ انساني تباهي، مصيبتون ۽ اجتماي صدمي کي جنم ڏنو آهي، هن يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ شهرين کي شديد خطرا درپيش آهن، جتي مبينه طور تي 15 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.غزه ۾ تقريبن 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر آهن، 11 لک کان وڌيڪ شهري گڏيل قومن جي ??نا??گير ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي ??نا??گاهن ۾ ??نا??ه جا گهرجائو آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ ۽ جنگ بندي جي اپيل
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha