گڏيل قومون -01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خيبر ??ختونخوا صوبي جي علائقي ??اج??ڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻين. گڏيل قومن جي نائب ترجمان ??يويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس بريفنگ دوران چيو ته انتونيو گوتريش پاڪستان ۾ ٿيل آپگهاتي حملي دوران ??سافر ڪٽنبن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستاني اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته ان ??اقعي ۾ ملوث فردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هوڏانهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل به ??اج??ڙ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری