اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو غير معمولي اجلاس افغانستان جي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ع??م جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ??و ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ?? پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی