اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽ?? جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جتي به ضرورت پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ماهرن سا?? گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان زراعت جي ڪميٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سا?? گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، موجوده اسيمبلي اهم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ بل ڪميٽين ۾ غور هيٺ آهن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبق?? جي حوالي سا?? قدم کنيا آهن، ??صو???? ماڻهن جي حوالي سا?? به قانونسازي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان کي افغانستان جي صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. افغانستان ج?? ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. افغانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا صوب?? جي قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي سا?? جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سا?? پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد