اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي س??ن وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ ??رڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي حوالي س??ن گلگت بلتستان اسيمبلي جي ??تف??ه قرارداد گلگت بلتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يقيني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي حوالي س??ن مختلف ماڊلز تي به ت??صيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه ت?? اتفاق ڪيو ويو ته گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي س??ن قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يقيني بڻايو ويندو.
گلگت بلتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ