اسلام آباد – پهرين اپريل (اي ??ي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 29 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مر??ضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ 4 هزار 974 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مر??ضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 67 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 64 سيڪڙو مر??ض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 84 سيڪڙو، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 74 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مر??ض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 127 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 9 هزار 634 پنجاب ۾ 22 هزار 624، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 672، اسلام آباد ۾ 7 هزار 564، بلوچستان ۾ 466، گلگت بلتستان ۾ 367، آزاد ڪشمير ۾ 822 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 5 هزار 274 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مر??ض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 419 مر??ض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 53 هزار 127 آهي.
ڪورونا سبب وڌيڪ 98 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری