اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ت?? لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪورونا وائ??س جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري ت?? گلگت بلتستان پهتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت ۾ ڪورونا وائ??س جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي گلگت بلتستان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورونا وائ??س جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ت?? حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آهي جو گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن باقي سمورا صحتياب ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز