اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪوششون ڪ??ڻ??ون پونديون، ڇاتي جي ڪينسر سبب قيمتي جان??ون ضايع ٿي ره??ون آهن جنهن جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳالهه بيگم ثمينه عارف ع??وي اسلام آباد ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مرض جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن عورتن جي جان بچائي سگهجي ڇو ته بروقت مرض جو علم هجڻ سان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوندا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيندا آهن جنهن ۾ اڪثريت کي بچائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميدار?? ادا ڪرڻي پوندي.
پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔