اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي نا??ي ۽ اوڳاڙين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه حسن بشير، فنانس سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري عمر حميد خان پڻ موجود هئا. نا??ي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ سيڪٽر جي جولاءِ ?? آگسٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ڪليمز فارم ايڇ بدران پراڻي اي ار ايس نظام تحت ڀرڻ ۽ ادا ڪرڻ جو وفد جو مطالبو تسليم ڪري ورتو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا