پشاور – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نه اين آر او ڏيندس نه بليڪ ميل ٿيندس، چورن ۽ ڦورن جو احتساب جو ڪرڻ آيو آهيان ۽ هر صورت ۾ احتساب ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمرود ۾ عوامي جل??ي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آ??ف زرداري ۽ بلاول اسلام آباد ڌرڻي جو شوق پورو ڪري وٺن، ان جي لاءِ ڪنٽينر صاف ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، آئون انهن کي چئلينج ڪريان ٿو ته هڪ هفتو به ڌرڻو نه هڻي سگهندا ڇو ته ڌرڻو اهو ڪامياب ٿيندو آهي جيڪو عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي نيت ??ان ڏنو وڃي، جيڪو ڌرڻو پنهنجي چورين ۽ ڦرن تي پردو وجهڻ جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو ان کي ع??ام رد ڪري ڇڏي ٿي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ