اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خ??قان عباسي چيو آهي ته معاشري جي غريب طبقن جي خدمت موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ وزيراعظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم جي دائري ڪار کي توسيع ??يڻ ۽ ان مقصد لاءِ وڌ کان وڌ مالياتي وسيلا مختص ڪرڻ جي سمورين ڪوششن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي وياج کان پاڪ قرض اسڪيم (پي ايم آءِ ايف ايل) تي اڳڀرائي لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ پي ايم آءِ ايف ايل جي اسٽيئرنگ ڪمي??ي جي چيئرمين ڊاڪٽر امجد ثاقب، ??رب?? جي خاتمي واري فنڊ (پي پي اي ايف) جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر قاضي عظمت عيسيٰ، سيمي صدف ڪمال ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2