اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف افغانستان ۾ دهشتگردن ۽ شرپسندن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ موثر ۽ فوري آمريڪي عسڪري ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ ??ي اجازت ن?? ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن مان به رکي ٿو. سينيٽ ??ي اجلاس ??وران ڏکڻ ايشيا ۽ افغانستان جي لاءِ آمريڪي صدر جي نئين پاليسي ۽ 22 آگسٽ 2017ع ??ي اعلان ۾ پاڪستان بابت بيان جي حوالي سان قومي سلامتي ??ي اهم معاملي تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي غور ڪيو ويو، هن قومي سلامتي ڪميٽي ??ي اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪا سان گڏ??ي امن جي لا??ِ ڪم ڪيو آهي، پاڪستان افغانين جي ذريعي افغان قيادت ۾ امن عمل جي حمايت ڪري ٿو، افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي هر قسم جي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي ۽ انهن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو آهي، پاڪستان ان دوران هزارين جانين جي قرباني ڏني آهي، اسان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، اسان ان جنگ ۾ بي پناهه مالي نقصان به کنيو آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ ??ي اجازت ن?? ڏيندو ۽ اها ئي اميد ٻين ملڪن مان رکي ٿو.
افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ