اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين اسلامي تعاون تنظيم (او ??ءِ سي) تي زور ڏنو آهي ته اها مسلم دنيا با??ت پراڻي تڪرارن فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي حل جي لاءِ هڪ ٿي فعال ڪردار ادا ڪري، اهي ٻئي اسان جي دلين جي تمام گ??ڻو ويجهو آهن ۽ اسان جي لاڳيتو ڌيان جا گهرجائو آهن. هو او ??ءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ??اڪٽر يوسف احمد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هڪ وفد ??ان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان جي سندس پهرين دوري جي آجيان ڪندي او ??ءِ سي ۽ اسلامي ملڪن پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي سلسلي ۾ يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو. هن او ??ءِ سي پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي پنهنجي خصوصي نمائندي جي دوري جي لاءِ ڀارتي حڪومت کان سهولت فراهم ڪرڻ جي اصرار بابت تازن قدمن کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل