اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير بابر گرگين ترڪي جي سرڪاري خابرو اداري ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ ويجهو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته ٻئ?? سرڪاري خابرو ادارا پنهنجي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهن ٿا. اي پي پي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ سان ملاقات د??ران ڳالهائيندي ترڪي جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا سرڪاري خابرو ادارا عوامي دلچسپي بابت خبرن، تصويرن ۽ وڊيوز جي مٽاسٽا جي ذريعي پنهنجي ملڪن بابت مثبت تاثر کي اجاگر ڪري سگهن ٿا. بابر گرگين چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻئ?? اولهه جي منفي پروپيگنڊا جو شڪار آهن، هن اسلام فوبيا جو موثر جواب ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا