رياض – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهز??ده فيصل بن فرحان بحرين، ترڪيه، مصر ۽ گيميبيا جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي کي يقيني بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبدالطيف بن راشد الزياني سان رابطي دوران فلسطيني علائقن جي صورتحال، هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ۾ عرب، اسلامي قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ برادر فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي يقيني بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان ک??ن علاوه عالمي انساني قانون جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي ر??ڪڻ ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهز??ده فيصل بن فرحان جمهوريا گيميبيا جي پرڏيهي وزير ممدوتنگارا سان رابطي دوران فلسطيني علائقن جي صورتحال، فلسطين ۽ ان جي برادر عوام خلاف هر قسم جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي ر??ڪڻ لاءِ عرب، اسلامي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان ک??ن علاوه ترڪيه ج?? هم منصب هاڪان فيدان سان رابطي ۾ اسلامي ملڪن جي ڪوششن جي فريم ورڪ اندر فلسطين مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ??نهن جو مقصد فلسطيني رياست ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي بحالي ۽ جنگ بندي لاءِ گڏيل سهڪار کي تيز ڪرڻ، اسرائيل کي سمورن بين الاقوامي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين کان ر??ڪڻ آهي. مصري پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه دوران فلسطيني علائقن جي صورتحال، اسرائيل جي سمورين سنگين ڀڃڪڙين جي فوري خاتمي لاءِ گڏيل عرب ۽ اسلامي قدمن کي مضبوط بڻائڻ، هڪ محفوظ ۽ مستحڪم فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سعودي پرڏيهي وزير پاران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز