بيجنگ -24 جون (اي پي پي) چين چيو آهي، ??ه هو چين ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ??ي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي منصوبن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو ۽ لاڳاپيل ق??من جو حق محفوظ رکي ٿو. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته آمريڪي ق??من سان چين ۽ آمريڪي ڪاروباري ادارن وچ ۾ معمول جي اقتصادي ۽ واپاري سهڪار تي اث?? پوندا ۽ عالمي اقتصادي ۽ واپاري نظام کي نقصان پهچندو. هن چيو ته آمريڪا کي مارڪيٽ اڪانومي جي قانونن ۽ منصفاڻي برابري جي اصولن جو احترام ڪرڻ گهرجي، اقتصادي ۽ واپاري مسئلن تي سياست ڪرڻ ۽ ان کي هٿيار بڻائڻ بند ڪرڻ گهرجي، چين ۾ سيڙپڪاري تان پابنديون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروباري سهڪار لاءِ هڪ نئون سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان طرفان اهي رمارڪس 21 جون جي آمريڪي ناڻي کاتي پاران تجويز ڪيل قاعدن کان پو??ِ سامهون آيا آهن جيڪي آمريڪي سيڙپڪاري ??ي چين ۾ محدود ڪري ??ڏيندو.
چين ۾ سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي تجويز ڪيل اصولن جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا: واپار واري وزارت بابت چين جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria