پيرس-03 جنوري (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون اسرائيل کان مطالبو ڪيو آه?? ته هو لبنان سان ڇِڪتاڻ کان پاسو ڪري. الج??ير?? موجب لبنان جي گاديءَ واري شهر بيروت تي اسرائيل جي ڊرون حملي ۾ صالح العروري جي مارجڻ وڃڻ بعد فرانس جي صدارت اسرائيل جي دفاع واري وزير کي فون ڪيو. فرانس جي صدر اسرائيل کان مطالبو ڪيو آه?? ته هو خاص طور تي لبنان ۾ ڪنهن به ق??م جي شدت پسنداڻي رويي کان پاسو ڪري. فرانس جي صدر اسرائيل جي دفاع واري وزير کي به ٻُڌايو ته فرانس اهو پيغام علائقي ۾ جاري تڪرار بابت س??ي يا اڻ سڌي ريت شامل سمورين ڌُرين کي پهچائي رهيو آه??. فرانس جي صدر ان موقعي تي جٽادار جنگبندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ۽ غزه ۾ شهرين جي وڌندڙ فوتگين تي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون