اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ويز تي سيڪيورٽي ۽ سرويلنس لاءِ موٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مواصلات واري و??ارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي و??ير عبدالعليم آءِ جي موٽر ويز پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفاقي و??ير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪس کي مختلف سيڪٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي پوليس پنهنجي و??يلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفاقي و??ير چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، موٽر وي پوليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات واري وفاقي و??ير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بند ج?? تار جي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وفاقي و??ير موٽر وي پوليس جي اختيارن لاءِ قانونسازي ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ موٽر وي پوليس کي وڌ کان وڌ ذميواري وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙو ميڪنزم اختيار ڪيو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بند ج?? تار چوري جا واقعا وڌيڪ آهن انهن جي نشاندهي ڪريو. مواصلات واري وفاقي و??ير چيو ته جنهن علائقي ۾ حفاظتي بند ج?? تار چوري ٿيندي، اتان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي پوليس ذميواري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بند ج?? تار ٽٽي چڪي آهي يا چوري ٿي و??ي آهي، اتي نئين حفاظتي بند وار?? تار جو بندوبست ڪيو وڃي. وفاقي و??ير چيو ته آءِ جي موٽر وي مقامي پوليس سان گڏ حفاظتي بند وار?? تار چوري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفاقي و??ير مواصلات واري سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ، سيڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ موٽر بائيڪ سروس شروع ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب