اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ مختلف آپريشنز دوران 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ??يش ڪيو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ??ام??اب ڪاررواين دوران 14 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو بهادري سا?? مقابلو ڪندي شهادت ماڻڻ تي ميجر محمد اويس شهيد کي خراج عقيدت ??يش ڪيو ۽ ميجر محمد اويس شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري ميجر محمد اويس شهيد جي وارثن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج ??ي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سا?? گڏ آهي. صدر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين.
صدر پاران 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil