قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ضرورتن جو گهڻو حصو ان کان ئي برآمد ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سربراهي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي صدر پراب??و سوبيانتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پراب??و سوبيانتو کي انڊونيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، واپاري ۽ اق??صادي معاملن کانسو??ءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اق??صادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي ل??ءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آئل فراهم ڪندڙ ملڪ جي طور تي انڊونيشيا جي ڪردار کي ساراهيو ڇو ته پاڪستان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ل??ءِ گهڻو حصو انڊونيشيا کان درآمد ڪري ٿو. آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان رابطي جي حوالي سان پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي آسيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علائقائي فورم جي ميمبرشپ جي ل??ءِ انڊونيشيا جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان انڊونيشيا جي تعاون ۽ حمايت سان آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر پراب??و سوبيانتو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي ل??ءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي حل ل??ءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي طرز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي ل??ءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جي انڊونيشيا جي صدر سان ملاقات، انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے