اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري و??اقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي جي هاڻ تائين ڪارڪردگي جو جائزو، جاري ۽ مستقبل جي رٿائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي، ڪاروباري سرگرمين ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ اين ايڇ اي جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي و??اقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ روڊ نيٽ ورڪ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جو موجوده روڊ نيٽ ورڪ سيڙپڪاريءَ ل??ءِ اهم علائقن وچ ۾ رابطن جي سهولت فراهم ڪري ٿو، روڊ نيٽ ورڪ جي وڌيڪ بهتري سان معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگ??جي ٿي. روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتريءَ سان پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته شاهراهن جي تعمير جا نوان منصوبا نجي سيڙپڪاريءَ ل??ءِ انتهائي پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي ايم-6 ۽ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايم-9 کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪري سگ??جي ٿو، ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شاهراهن جا منصوبا به نجي سيڙپڪاريءَ ل??ءِ پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته مانسهره کان ڪاغان، ناران روڊ کي موٽر وي جي طرز تي بڻايو ويندو، اين ايڇ اي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ??و. ??ين ايڇ اي جي روينيو ۾ واڌ سان ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته اين ايڇ اي ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ل??ءِ اين ايڇ اي قانوني طريقو ڳولي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں