بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي پي) ??هر?? معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيش?? جي وزيرن ۽ سربراهن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، غير ق??نو??ي مائيگريشن ۽ انس??ني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگري جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيون. ملاقات ڪندڙن ۾ سوئٽزرلينڊ جو مائيگريشن وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي يوني?? جي مائيگريشن ۽ ??هر?? معاملن جو سربراهه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو سربراهه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. ??هر?? وزير محسن نقوي غير ق??نو??ي مائيگريش?? جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انس??ني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چڪو آهي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ سان ڪو به ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غير ق??نو??ي مائيگريشن ۽ انس??ني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ يورپي يونين ۽ مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاو?? جي آجيان ڪندا. اڄ اسان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن لاءِ بهتر مستقبل ڇڏي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گڏيل وفد?? جي مٽاسٽا ۽ ادار?? جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادار?? جي آفيسر?? جي خصوصي تربيت لاءِ سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن ??هر?? وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ تعاو?? جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آص?? حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن جون ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ