اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه گڏيل عرب امارتن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽريز ج?? چيئرمين احمد جاسم الز??بي سان ملاقات ۾ ڪئي. احمد جاسم الز??بي ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري ۽ ابوظهبي، ڊيپارٽمنٽ آف اڪنامڪ ڊولپمنٽ جو چيئرمين به آ??ي. ??اڪستان جي سفير احمد جاسم الز??بي جي مقرري تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي اقدمن ۽ ابوظهبي چيمبر جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ملاقات دوران ڌرين گڏيل عرب امارات جي چيمبرز ۽ پاڪستان جي چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽري وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ ٻطرفي واپار لاءِ گڏيل ڪاروباري منصوبن جي شروعات تي ڳالهه ڪئي. پاڪستان جي سفير، احمد جاسم الز??بي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي طريقي ڪار ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. سفير، گڏيل عرب امارات جي چيمب??ز جي ڪاروباري وفد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۾ اضافي، واپاري سهولتن جي فراهمي ڪاروباري لاڳاپن جي قيام، اور جي آءِ ٽيڪس ۽ ٽيڪسپور جهڙي واپاري نمائشن ۾ شرڪت تي به اتفاق ڪيو.
گڏيل عرب امارتن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي: فيصل نياز ترمذي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ