اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سياسي ??عا??لن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ?? آمريڪا جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب سياسي ??عا??لن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ??نرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي ??عا??لن تي ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وقتي انڊر سيڪريٽري آمريڪا ۾ افغانين جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي ل??ءِ پاڪستان ??ي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪريٽري 2025 – 2026ع ??ي مدي ل??ءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق