اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ??ڪ ذميوار نيوڪليئر ملڪ آهي، سمورن پاڙيسرين سان امن چاهيون ٿا، امن کانسواءِ معاشي استحڪام ۽ ترقي ممڪن نه آهي، اسان امن جا خواهشمند ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي گذريل ٻن مهينن جي عرصي دوران ??رڏيهي پاليسي اسان جي اولين ترجيح رهي آهي. هن چيو ته اسان ??ڪ ذميوار نيوڪليئر ملڪ آهيون، دنيا ۾ اسان جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي پاڪستان 182 ووٽ کڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو جيڪا اسان جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها عالمي سطح تي اسان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته ايران سان اسان جون سرحدون ڳنڍيل آهن، واپار سميت ٻ??ن اهم شعبن ۾ به ايران سان ??اڳاپا آهن، ايران اسرائيل ڇڪتاڻ دوران ايران جو مرحوم صدر پاڪستان آيو، موجوده سيڪيورٽي ۽ جيو پوليٽيڪل صورتحال ۾ اها وڏي ڪاميابي هئي ته ايران جي مرحوم صدر پاڪستان سان ??اپاري ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جو ??علان ڪي??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ به اسان جي اهميت کي تسليم ڪي?? وڃي ٿو، وچ اوڀر اسان کي پنهنجو ??تح??دي سمجهي ٿو جيڪو اسان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان امن ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. هنرمند افر??دي قوت جو ??ڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ??ٽ 68 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آب??دي آهي، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ اسان جي ترجيح آهي، ان حوالي سان ??يڪنيڪي تعليم تي اسان جو ڌيان آهي ته جيئن اسان ??نهنجي ان ??ڏي هيومن ريسورس جو فائدو پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ کڻي سگهون ۽ جڏهن معاشي سيڪيورٽي جي ڳالهه هجي ته ان جو ??سان کي معاشي فائدو به ٿي سگهي. هن چيو ته 2014ع ۾ جڏهن سي پيڪ جي شروعات ٿي ته چين جي صدر 64 ارب ڊالر سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ نئين عزم سان چين ويو، ان دوري جو مقصد سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات هئي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، چين جي دوري دوران ??واوي ڪمپني جي نمائندن سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽي جا ٻه پراجيڪٽ اڳ ۾ ئي لڳايا آهن، هواوي اسان کي ساليانو 2 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا بلڪل مفت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان ??ٽ ورڪ فورس ۽ ٽيلينٽ موجود آهي، اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مستقبل آءِ ٽي سان ??اڳيل آهي، سيڪيورٽي هجي يا معيشت يا بليو اڪانومي، سڀني جو ??نياد آءِ ٽي تي آهي. وفاقي وزير چيو ته چين جي دوري دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم اسان کي ٻڌايو ته هو سي پيڪ جي اپگريڊ ورزن طرف وڃي رهيا آهن، سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن ۾ ٽيڪنالاجي ايڊوانسمنٽ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ته پاڪستان ان ??ان ڪهڙو فائدو حاصل ڪري دنيا کي ڪهڙي طرح فائدو پهچائي سگهي ٿو. هن چيو ته جيستائين هڪ محفوظ ماحول نه هوندو تيستائين نه سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي ۽ نه معاشي استحڪام ۽ نه ئي اسان ترقي ڪري سگهون ٿا ۽ ان سان ??رڏيهي پاليسي به متاثر ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته چين جي دوري دوران گوادر پورٽ سميت سيڪيورٽي جي حوالي سان ??سئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم سيڪيورٽي جي حوالي سان ??قين ڏياريو ته چائنيز شهرين ۽ ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هو ذاتي طور تي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته جڏهن بشام واقعو پيش آيو هو ته وزيراعظم پاڻ چيني سفارتخاني ويو ۽ چين جي سفير کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي ۽ پوءِ هو بشام ويو ۽ چائنيز انجنيئرز ۽ ورڪرز سان ??لاقات ڪئي، انهن جا سيڪيورٽي خدشا ختم ڪيا ۽ انهن کي سيڪيورٽي جي فراهمي جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ معاشي استحڪام اسان جي ترجيح آهي ڇو ته اسان ??اڪستان کي ان ??قامتي پهچائڻ چاهيون ٿا جتي هو اڳ ۾ ڪڏهن هوندو هو. هن چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران حڪومت پرڏيهي پاليسي ۾ انتهائي سنجيدگي جو مظاهرو ڪي??، اسان سمورن ملڪن سان سٺا ۽ پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان ??نهنجي معاشي بحالي چاهيون ٿا. ڪلائميٽ سيڪيورٽي جو ??ڪر ڪندي هن چيو ته ڪلائميٽ سيڪيورٽي اسان جي پرڏيهي پاليسي جو لازمي جز آهي، دنيا ۾ ڪاربن اخراج ۾ اسان جو ??صو 2 سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان جي 98 سيڪڙو نقصانن کان اسان ??تاثر ٿي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ??اڻهن جا گهر تباهه ٿيا، زراعت تباهه ٿي، چوپائي مال کي نقصان ??هتو پر ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ ڪاربن اخراج ۾ اسان جو ??صو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو ??يڪريٽري جنرل گذريل ٻوڏ جي وقت پاڪستان آيو ۽ متاثر علائقن جو ??ورو ڪي?? ته اسان دنيا کي احساس ڏياريو ته اها اسان جي غلطي نه آهي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڪري اهي نقصان اسان ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪي ملڪ حقيقت ۾ ڪاربن جو وڌيڪ اخراج ڪن ٿا انهن جي ذميواري وڌيڪ آهي، عالمي فورمز تي اسان ان ??سئلي کي اجاگر ڪي??. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته چين جي دوري دوران بزنس فورم ۾ 500 شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ بي ٽو بي تعاون بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ??جي شعبي کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، اسان ??ٽ سستو ليبر موجود آهي جيڪو چين جي لاءِ پڻ لاڀائتو آهي يعني جيڪا پيداواري لاڳت چين ۾ پوي ٿي ان کان گهٽ اسان ??تي ڏئي سگهون ٿا. اسان جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ نجي شعبي جي لاءِ ڪيتريون ئي مراعتون آهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ انڊسٽري لڳي، هتان برآمدات ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته هن وقت اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به رڪارڊ سطح تي گهٽ ٿيو آهي، اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان ڊيفالٽ جي ويجهي پهچڻ کان اڄ هتي پهتا آهيون جنهن ۾ اسان جي پرڏيهي پاليسي جو ??هم ڪردار آهي. هن چيو ته هڪ وقت اهڙيون حالتون ٿي ويون هيون جو ??سان جي ايڪسچينج ريٽ ۾ عدم استحڪام هو، ايل سيز بند هيون، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ هئا، ايڪسپورٽرز کي خبر نه هئي ته ان کي ڊالر جي ڪهڙي ريٽ تي ايڪسپورٽ ڪرڻي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان ??لڪ هاڻي معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، رپئي جي قدر مستحڪم ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به وڌيا آهن، مهانگائي جيڪا گذريل سال 38 سيڪڙو هئي، گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اسان جا اقتص??دي انگ اکر بهتري طرف گامزن آهن. هن چيو ته اسان ??نهنجي پرڏيهي پاليسي جي ڪري ئي ڊيفالٽ جي صورتحال کي منهن ڏنو. هن چيو ته اسان جتي به وياس??ن اسان ??ريڊ ناٽ ايڊ جي ڳالهه ڪئي، اسان کي مالي امداد نه واپار گهرجي، اسان ??رض نه سيڙپڪاري چاهيون ٿا ڇو ته اسان سيڙپڪاري کي منافعي ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ايس آءِ ايف سي جو وڏو ڪردار آهي، سمورا ادارا، منسٽريز ۽ ڊويزنز هڪ ڇت هيٺ اچي ويا آهن ۽ سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ??اڙيسرين سان ??رامن لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان جي پاليسي ڪاروباري آسانين جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي ته جيئن سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان جا ماڻهو ان ??ان ??ائدو کڻي سگهن. وفاقي وزير چيو ته ٿنڪ ٽينڪس ملڪي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت کي رهنمائي فراهم ڪن.
پاڪستان هڪ ذميوار نيوڪليئر ملڪ آهي، سمورن پاڙيسرين سان امن چاهيون ٿا، امن کانسواءِ معاشي استحڪام ۽ ترقي ممڪن نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável