اسلام آ??اد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي ايئر ڪموڊور محمد عاطف هاشم جي ٽيڪنيڪل پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس بورڊ ۾ ميمبر طور مقرري جي منظوري ??ئي ڇڏي. اهو فيصلو 19 جولاءِ 2023ع کان لاڳو هوندو. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي نادرا جي آرڊر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ??يل ڪيٽيگري اي جي آڊٽ فرم جي خدمتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ کليل واڪن جي منظوري ??ئي ڇڏي. ان فيصلي سان وفاقي ڪابينا جي 2019ع جي ڪيل فيصلي ۾ ترميم ڪئي وئي. جنهن ??وج?? نادرا جي آڊٽ جي لاءِ رڳو 4 وڏين ۽ مشهور آڊٽ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري سگهيون پئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نادرا جي آڊٽ کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ عالمي معيار ??وج?? آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪيٽيگري اي ۾ رجسٽرڊ سڀئي آڊٽ فرمز کي نادرا جي آڊٽ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سفارش تي ”سائبر س??ڪي??رٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان“ جي منصوبي کي بطور قومي ڪمپيوٽر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم (nCERT) چونڊڻ جي منظوري ??ئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سائبر س??ڪي??رٽي فار ڊيجيٽل پاڪستان جو منصوبو قومي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل آهي ۽ ان تي ڪم اڳ کان جاري آهي. وفاقي ڪابينا کي اسلام آ??اد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سي ڊي اي ملازمن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ پاليسي پيش ڪئي وئي. اسلام آ??اد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ??وج?? سي ڊي اي کي ان ڳالهه جو تعين ڪرڻو هو ته ملازمن کي رعايتي اگهن تي پلاٽ ڏيڻ سان سي ڊي اي جي آمدني ۾ ڪهڙو فرق ايندو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ قيمتي زرعي زمين جو استعمال ڪرڻ بدران وڏين عمارتن جي تعمير تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي گهر مهيا ٿي سگهن ۽ جلد کان جلد ان ڏس ۾ پاليسي جوڙي وڃي. ڪابينا الاٽمينٽ جي پيش ڪيل پاليسي تي فيصلو ملتوي ڪري ??ڏيو. وفاقي ڪابينا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سفارش تي ايڊاپٽيشن ايڪٽ جي سيڪشن 5 (2) ۾ ترميم ڪرڻ جي منظوري ??ئي ڇڏي. ان ترميم تحت ان سيڪشن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل جي جڳهه آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جا لفظ استعمال ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي پاران موبائيل فون نيٽ ورڪ اسپيڪٽرم جي لائيسنس فيس ۽ تجديد فيس آزاد حڪومت رياستي ڄمون ۽ ڪشمير کي منتقل ڪري سگهجي. وفاقي ڪابينا پرائيويٽائيزيشن ڪميشن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ملتوي ڪري ??ڏي. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 جنوري ۽ 7 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ??ڏي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر