اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ??هيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل مح??د حس?? حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم ??هيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن تيراهه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج