ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان جي لا??ِ ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات 1.8 ملين پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان خصوصي طور تي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لا??ِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي لا??ِ يو اي اي جي صدارت جي لا??ِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم لا?? اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ سميت ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ اهم شعبن ۾ موثر ۽ نتيجاخيز عالمي قدمن طرف بامعنيٰ اڳڀرائي جي موقعي جي طور تي ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز پروجيڪٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لا??سٽڪس، معدنيات ۽ بئ??ڪن?? اينڊ فنانشل سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جو مشاهدو ڪيو. انهن مفاهمت جي ياداشتن سان گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت مختلف قدمن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو جنهن سان پاڪ گڏيل عرب امارات اقتصادي حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا