اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سي پيڪ لکين پاڪستانين جي زندگين تي اڻمٽ مثبت اثر ڇڏيا آهن، چين پاڪستان اق??صا??ي لنگهه علائقائي رابطي جو فريم ورڪ آهي، سي پيڪ اسان جي عوام جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کوليون آهن، ٻئي ملڪ ان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، سي پيڪ سان نه رڳو چين ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو پر ايران، افغانستان، وچ ايشيا سميت پوري خطي تي ان جا مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سي پيڪ اينڊ مائي لائيف“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان اق??صا??ي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان ۾ بيلٽ اينڊ روڊ ان??شي ايٽو (بي آر آئي) جو اهم جز آهي، 10 سال اڳ سي پيڪ جي پاڪستان ۾ گيم چينجر جي طور تي شروعات ٿي هئي جنهن لکين پاڪستانين جون زندگيون بدلائي ڇڏيون ۽ ان??ن تي اڻمٽ اثر ڇڏيا. هن چيو ته لاهور ۾ اورنج ٽرين، سنڌ ۾ ٿر ڪول ۽ بلوچستان ۾ گوادر جهڙن سي پيڪ منصوبن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن ۽ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن، حڪومت ان تعلق کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته هلندڙ مهيني چين ۾ اعليٰ قيادت جي ٿيندڙ ملاقاتن سان اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته سي پيڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پاڪستان کاڻين جي کوٽائي، زراعت، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ وڌ کان وڌ ٻطرفي تعاون جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ون ونڊو سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. پنهنجي چين جي تازي دوري جو حوالو ڏيندي نگران وفاقي وزير چيو ته مون کي چين جي دوري دوران عوامي جمهوريه چين جي شان??ار فني ترقي بابت آگاهه ڪيو ويو. هن چيو ته چين جا ٿورائتا آهيون جو ان جي ڪري پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين ۽ پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ ان??شي ايٽو (بي آر آئي) ۽ چين پاڪستان اق??صا??ي لنگهه جي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. چين پاڪستان اق??صا??ي لنگهه علائقائي رابطي جو فريم ورڪ آهي، سي پيڪ سان نه رڳو چين ۽ پاڪستان کي فائدو ٿيندو پر ايران، افغانستان، وچ ايشيائي رياستن سميت پوري خطي تي ان جا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته سي پيڪ جنهن پاڪستان جي اق??صا??ي ۽ سماجي ترقي ۾ مدد ڪئ??، ان اسان جي عوام جي لاءِ ترقي جون نيون راهون کوليون آهن، ٻئي ملڪ ان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي حوالي سان تازن ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي تقريبون منعقد ٿيون آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سي پيڪ ۽ بي آر آئي جي ٻين منصوبن بنيادي ڍانچي تي ڌيان ڏنو آهي. ان??ن منصوبن کي ماڻهن جي آمدني وڌائڻ ۽ روز??ار جي موقعن ۾ اضافي جي لاءِ جوڙيو ويندو. هن چيو ته روڊ، ريل ۽ فضائي ٽرانسپورٽيشن جي بهتر نظام جي ذريعي جاگرافيائي رابطا وڌڻ سان ماڻهن سان ماڻهن تائين رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن کي فروغ ملندو جڏهن ته ڪاروبار جي وڌيڪ ڪاٿي جي نتيجي ۾ هم آهنگي ۽ پائي??ار ترقي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته چين پاڪستان اق??صا??ي لنگهه (سي پيڪ) گلوبلائيزڊ دنيا ۾ اق??صا??ي ترقي طرف سفر آه??، اهو ”آئيڊيل امن ۽ ترقي سڀني جي لاءِ“ جي ماڊل تي ٻڌل آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اق??صا??ي لنگهه ا??ان جي عوام جي لاءِ وڏي اميد آهي ته ا??ان جي گڏيل معيشتن جي ترقي جي ذريعي امن ۽ ترقي حاصل ٿيندي.
سي پيڪ لکين پاڪستانين جي زندگين تي اڻمٽ مثبت اثر ڇڏيا آهن، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطي جو فريم ورڪ آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا