اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبو ڇاتيءَ جي ڪينسر کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ميڊيا ۽ ٻيون ڌريون ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ?? مدد ڪن، عورتن کي حياتي کسيندڙ مرض جي جلد تشخيص، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو سيمنز هيليٿائزز جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر صحت جي شعبي ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي امڪانن کي اجاگر ڪندي چ??و ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي آگاهي، صحت جي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر شروعاتي اسڪريننگ، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ ۽ بهتر طبقي خدمتن جي اهميت تي پڻ زو?? ڏنو ۽ چ??و ته نجي شعبي جا حصيدار ميڊيا مهم ?? تعليمي ادارن ۾ ورڪشاپس ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ جي ذريعي شعور بيدار ڪرڻ ۾ اهم ادا ڪري سگهن ٿا. صدر آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جا پروگرام منقعد ڪرڻ تي پڻ زو?? ڏنو. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ?? پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪمپنين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. پهرين آڪٽوبر کان ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آڊيو آگاهي پيغام هلايو پيو وڃي جنهن ۾ عورتن کي پنهنجو معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي مشورو ??ٺڻ جي تلقين ڪئي پئي وڃي. صدر چ??و ته ميڊيا هائوسز مارننگ ۽ ٽاڪ شوز کانسواءِ بيداري جي لاءِ پيغام نشر ڪن، ڇاتيءَ جي ڪينسر کانپوءِ جي مرحلن ۾ علاج سان واڳيل خرچن کي وقت سر تشخيص سان گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
نجي شعبو ڇاتيءَ جي ڪينسر کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر