اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جبل چاڙهو نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي دنيا جي نئين بل??د ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان بل??د چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کان??وء?? خطرناڪ ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو نالو دنيا ۾ بل??د ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عزم ۽ ارادا بل??د جبلن کان به بل??د آهن، ثمينه بيگ ۽ نائله ڪياني پاڪستاني باهمت عورتن جون نمائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بل??د ارادي ۽ مقصد کي ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي نه آهن. هن دعا ڪئي ته ثمينه بيگ، نائله ڪياني ?? ان جهڙيون قوم جون ٻيون ڌيئرون اهڙي ??رح دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بل??د ڪنديون رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙينديون رهن. واضح رهي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نائله ڪياني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نائله ڪياني ٻي پاڪستاني عورت جبل چاڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو. ثمينه بيگ پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.
وزيراعظم پاران نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : گرم گرم