اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23-2022ع ۾ ص??ت جي شع??ي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري ڪيل اقتصادي سروي ۾ ص??ت جي شع??ي جي حوالي سان چيو ته مالي سال 2021ع جي هڪ سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مالي سال 22ع دوران ص??ت جي شع??ي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. موجوده حڪومت مستقبل ۾ ڪورونا طرز تي ڪنهن به وبائي مرض ۽ ايمرجنسي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پي ايس ڊي پي ت??ت جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو، جنهن تحت وبائي مرضن لاءِ هڪ مربوط نظام تحت ليبارٽريون جو هڪ نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سان ص??ت جي ڪيترن ئي م??ڪز?? ۽ اسپتالن کي شديد نقصان پهتو، حڪومت ص??ت جي متاثر م??ڪز?? جي بحاليءَ لاءِ پُرعزم آهي. ٻوڏ جي تباهه ڪارين بابت رپورٽ مطابق انهن م??ڪز?? جي تعمير لاءِ 40294 ملين رپيا يعني 187.6 ملين ڊالر گهربل آهن. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ دوران اين ڊي ايم اي 20 لک 44 هزارن کان وڌيڪ مڇردانيون، 7300 هاءِ جين ڪٽس، 200126 کاڌي جا پئڪيٽ، 18860 شروعاتي طبي امداد لاءِ ڪٽس ۽ ٻئي سامان سميت زندگي بچائيندڙ 350 جيڪٽس به فراهم ڪيا آهن. ترڪيه ۽ شام جي زلزلي جي امداد لاءِ اين ڊي ايم اي طرفان 7376 ٽن سامان جنهن ۾ خيما، گرم ڪپڙا، خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون.
هلندڙ مالي سال 23-2022ع ۾ صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی