اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني لازمي آهي، سمورن ادارن جي قيادت جي ذميواري آهي ته اهي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي ڌ??ان ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر آفيسرز ليڊرشپ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري مان اڻبرابري جي خاتمي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، غربت تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بهتري، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ تي ڌ??ان ڏيڻو پوندو. صدر ملڪ ۾ درگذر ۽ انسانيت سان محبت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چي?? ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن سان شديد تڪليف پهتي، ماضي ۾ فيصلاسازي ۾ دير ملڪي ترقي کي روڪيو. هن چي?? ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضر??رت آهي، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نوجوانن جي تعليم ۽ هنرمندي تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. صدر چي?? ته ملڪ ۽ عوام کي سائبر خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي سائبر صلاحيتن کي مضب??ط بڻائڻ تي ڌ??ان ڏيڻ گهرجي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تعليم ۽ صحت مرڪزي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي معياري تعليم ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو ۽ چي?? ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک ??ار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چي?? ته تعليمي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي کانسواءِ آن لائين تعليم اختيار ڪري ٻارن کي تعليم ڏئي سگهجي ٿي.
ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج